گڏيل قو??ون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن جي سربراهه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قو??ن جي ٻين ادارن جي عهديدارن به سيڪريٽري جنرل جي ان اپيل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه جا 23 لک رهواسي خاص طور تي اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب بي گهر ٿيل 17 لک فلسطينين لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ جو چيو ويو آهي. سيڪريٽر جنرل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين جي فوت ٿيڻ جي تعداد حيران ڪُن ۽ ناقابل قبول آهي. ان ??وجي ڪاررواين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. مان ??ڪ ڀيرو ٻيهر انساني همدرديءَ جي بنياد تي غزه ۾ جنگبنديءَ جي اپيل ڪريان ??و. گڏيل قو??ن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ??يندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسڪولن ۾ پناهه وٺندڙ هزارين شهرين جو قتل الشفا اسپتال ۾ پناهه وٺندڙ هزارين شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏڻ، سمورن بين ا??اق??امي قانونن جي وڏي پيماني تي خلاف ورزي ۽ ج??گي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
گڏيل قومن جي سربراهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر غزاه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج