اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته راند کي سياست جو نش??نو نه بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن منفي قوتون پنهنجي مريضاڻي طرزعمل سان عالمي امن جي لاءِ خطرو بڻجي وڃن ته عوام پنهنجي طاقت سان انهن کي سڌي راهه تي آڻي. اها ڳالهه صدر اسلام آباد ڪلب جي اهت??ام هيٺ پريزيڊنٽ گولڊ ميڊل گالف چيمپيئن شپ جي پ??اڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر ممنون حسين چيو ته راند انسان جي ذهني ۽ جسماني واڌويجهه ئي نه ٿي ڪري پر اخلاقي ۽ روحاني واڌويجهه جو پڻ ذريعو بڻجي ٿي. صدر چيو ته سياسي ۽ اقتصادي معاملن سميت زندگي جي ٻ??ن شعبن ۾ به اهي قومون نالو پيدا ڪن ٿيون جيڪي راند جي ميدان ۾ پنهنجو جهنڊو بلند ڪن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار