اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو بيان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو آهي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو بيان رڪارڊ نه ٿي ڪرائي ته ان ?? مشڪلاتون پاڪستا?? مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نه پ?? جي آءِ ٽي جي لاءِ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا منهنجي والد سان ڪاروباري لاڳاپا هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلم??نٽ ڪئي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪرايو ويو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو آهي جنهن بابت هڪ سوال اٿي ٿو ۽ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ اٿي ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پيپرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان شخص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ تي اسان جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان شخص حمد بن جاسم جي بيان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ رڪارڊ ڇو نه ڪرايو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی