لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن ??ياسي اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي ر??هه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پنجاب انعام غني وزيراعظم کي پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئي وڃي، انصاف جي فراهمي جي ر??هه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ماضي ۾ پوليس ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون جنهن ??و نقصان ماڻهن کي کڻڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، پوليس ڪنهن ??ياسي اثر رسوخ کي ليکي ۾ نه آڻي. ماڻهو توهان مان تڏهن مطئمن ٿيندا جڏهن ??وهان سڀني ??ان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.
ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری