اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آبادگار برداري وز??راعظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي 80 کان 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آبادگارن جي نمائندن وز??راعظم هائوس ?? وز??راعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وز??راعظم جي قيادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، وفاقي وز??ر سيد فخر امام، مملڪتي وز??ر فرخ حبيب، خاص مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وز??راعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر ??هباز گل به موجود هئا. آبادگارن جي نمائند?? سان ڳالهائيندي وز??راعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن آبادگارن جي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته آبادگارن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي وز??راعظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. وز??راعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي قول جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. وز??راعظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي نعمت?? سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي
آبادگار برداري پاران وزيراعظم جي قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین