اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستاني قيادت اف??انستان ۾ امن جي خواهشمند آهي، اف??انستان جي باري ۾ اسان جي پاليسي واضح آهي، اسان اف??انستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ جي حمايت يا ان کي مضبوط نه ڪري رهيا آهيون پر هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ اف??انستان جا سمورا گروپس پاڻ ۾ گ??جي ويهي متفقه حڪومت جوڙي سگهن. اسان خطي ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جو دارو مدار مستحڪم اف??انستان ت?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ اف??ان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اف??انستان جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، اسان اف??انستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ جي حمايت يا ان کي مضبوط نه ڪري رهيا آهيون پر هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ اف??انستان جا سمورا گروپس پاڻ ۾ گ??جي ويهي متفقه حڪومت جوڙي سگهن. اهو واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي اف??انستان ۾ مستحڪم حڪومت ۽ پرامن معاشرو جوڙي سگهجي ٿو. هن چيو ته هن وقت اف??انستان ۾ هڪ اهڙو گروپ ان پوزيشن ۾ ناهي جيڪو پوري اف??انستان ت?? حڪومت ڪري سگهي. جيڪڏهن هڪ گروپ ڪابل تي قبضو ڪري ٿو ته ٻيو ان ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان اف??انستان ۾ امن لاءِ جيڪو ڪري سگهون ٿا، ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اهو هڪ مشڪل ڪم آهي، هن ٻڌايو ته سپر پاورز پنهنجي ڪارروائي ڪري هليا ويندا آهن ۽ نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پوندا آهن، پاڪستان ۽ اف??انستان سپرپاورز جي ڪارراين جا نتيجا ڀوڳيا، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان اف??انستان لاءِ هڪ مضبوط مستقبل جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان کي يقين آهي ته هن خطي جو مضبوط معاشي مستقبل هڪ مستحڪم ۽ پرامن اف??انستان ت?? آهي، اسان جون سموريون ڪوششون ان طرف گامزن آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي معيشت مستحڪم اف??انستان چوڌاري گهمي ٿي، اسان وچ ايشيائي رياستن سان مضبوط مواصلاتي رابطن جا خواهشمند آهيون، انهي مقصد لاءِ وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته ازبڪستان سان اسان پشاور کان مزار شريف ۽ پوءِ تاشقند تائين ريلوي ٽريڪ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون آهن، اسان اف??انستان جي رست وچ ايشائي رياستن تائين ٽرڪن جي ذريعي واپار کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته گوادر ۽ ڪراچي پورٽس کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ڏيڻ جو دارومدار مستحڪم اف??انستان ت?? آهي ڇو ته صرف مستحڪم ۽ پرامن اف??انستان سان ئي وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي ۾ مواصلاتي رابطا ممڪن ٿي سگهن ٿا. وفاقي وزير ٻڌايو ته اف??ان نوجوانن وزيراعظم عمران خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن جو موقف معلوم ڪيو، وزيراعظم عمران خان اف??انستان جي نوجوانن ۽ صحافين جي ملاقات تي پروگرام پشتو ۽ دري سب ٽائيٽلز سان آن ايئر ٿيو، اميد آهي ته اف??انستان جي وڌيڪ آبادي کي ان پروگرام سان پاڪستان جي پاليسي جي باري ۾ معلومات ميسر ايندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اف??انستان جي نوجانن ۽ صحافين سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ اف??انستان جي مستقبل جي باري ۾ ڳالهه ڪئي. وفاقي وزير اف??ان نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسلام آباد هڪ خوبصورت شهر آهي، ان جي باري ۾ مختلف سطحن ت?? غلط فهميون پيدا ڪيون ويون، ان قسم جا دورا اهڙين غلط فهمين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان جي سينئر صحافين جو ڪابل جي دوري جو انتظام ڪري رهيا آهيون، جتي اهو اف??ان قيادت سان ملاقاتون ڪندان، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو يقين آهي ته ميڊيا واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجو موقف عوام تائين پهچائي سگهون ٿا. هن پاڪستان ۽ اف??انستان جي نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ ۽ پاڪ اف??ان ميڊيا ڪانڪليو جي انعقاد تي پاڪ اف??ان يوٿ فورم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ايونٽ جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان جي سفير ۽ ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي مبارڪباد ڏني.
افغانستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ جي حمايت يا ان کي مضبوط نه پيا ڪريُون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ